پنهور مير حاجن مير

پنهور، مير حاجن مير: هن جو اصل نالو حاجي خان ولد محمد سليمان، ادبي نالو مير حاجن مير آهي. ڳوٺ محمد يعقوب پنهور لڳ لڪي شاهه صدر ۾ 3 ڊسمبر 1979ع تي پيدا ٿيو. شاعري جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. سندس ڪتاب ’رنگ، خوشبوءِ ۽ گُلَ‘ 2008ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڇپايو. جنهن ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين اديبن جا تاثرات ڇپيل آهن. مير حاجن پنهور، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جـو سيـڪريـٽـري، سـنـڌي ادبـي سـنـگـت ضـلـعـي ڄـامـشــوري جــو رابطـا سيڪريٽـري، سلسـليـوار ’سيوهڻ سماچار‘ ۽ سلسليوار ’صبح‘ مئگزين جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سيوهڻ ۾ ’پنهور ڪلاٿ سينٽر‘ جو مالڪ آهي. هڪ سال لاءِ قلندر لعل شهبازرح ادبي ڪانفرنس جو ڊپٽي ڪنوينر به رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو